ٽڪ واري رلي

ٽڪ واري رلي

ٽڪ واري رلي

ٽُڪ واري رلي: هن قسم جي رليءَ ۾ مختلف رنگن جي اڳڙين مان مختلف ڊزائين جا ٽڪرا ڪٽي رليءَ جي مٿئين پڙ تي ورڇي سببا آهن ۽ اهڙيون رليون ٽڪ جي نمونن جي پويان ئي مختلف نالن سان سڏبيون آهن جيئن ٽمکي رلي، چومکي رلي، ٻڙي ڪٽ رلي، ول ڦيري رلي، کوهه ڦيري رلي، دامدار رلي، زنجيري رلي، پوپٽي رلي، پنکڙي رلي، نانگ ڦڻي رلي، مور کنڀي رلي، نانگ ٿاري رلي، نور پڇي رلي، ڪانءُ پيري رلي، پکي وري رلي، چنڊ تارا رلي، چوپڙا ڍارا رلي، نٿ بولي رلي، اُٺ ڪجائي رلي، کجيءَ ٽاري رلي، لهريلي رلي، هندورائين رلي، انڊلٺي رلي، ڦڻيءَ ڪور رلي، غاليچي رلي، گل فرشي رلي، پتاشي رلي، چانڊوڪي رلي، ڏينهن رات رلي، لوڙهي ٿپ رلي، ڀت ڪٽ رلي، چونهري چنهب رلي، منهن منهي رلي، ڪڙهه ڪٽ رلي، ٻانڌ ٻڙي رلي، گل ڦل رلي، چرخي ڪر رلي، ماٽي منڌ رلي، موڙ سري رلي، رنگ رنگي رلي وغيره. هنن قسمن مان ڪيترا اهڙا قسم آهن، جن جون وري مختلف شاخون به آهن. جيڪي وري اصل جي نسبت سان گڏ نالن سان سڏجن ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو


ڀرت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽڪ واري رلي
ٽه کوهي
تڪمو
ڀرت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون